17Sep

لاهور( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي نااهلي کانپوءِ خالي ٿيل سيٽ اين اي 120 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو سلسلو جاري آهي. لاهور  ۾ اين اي 120 جو تاريخي دنگل شروع ٿي چڪو آهي ۽ ووٽرن جو وڏو انگ راءِ جو حق ڏيڻ لاءِ پولنگ اسٽيشن پهچي ويو آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ ن جا ڪارڪن زبردست جوش جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. ووٽرن کي جهڙتي کانپوءِ پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته سڃاڻپ ڪارڊ کانسواءِ ڪنهن کي به داخل ٿيڻ جي اجازت ناهي. پوليس ۽ رينجرز طرفان امن امان برقرار رکڻ لاءِ گڏيل گشت پڻ ڪيو پيو وڃي. تڪ جي 3 لک 21 هزار 786 ووٽرن لاءِ 220 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، مرد ووٽرن جو تعداد هڪ لک 79 هزار 642 ۽ عورت ووٽرن جو تعداد هڪ لک 42 هزار 144 آهي. پولنگ صبح 8 وڳي کان شروع ٿي جيڪا شام پنجين وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جاري رهندي، جنهن لاءِ انتظام سخت ڪيا ويا آهن. پولنگ اسٽيشن اندر ۽ ٻاهر فوج ۽ رينجرز مقرر آهي، جڏهن ته سي سي ٽِي وي ڪيمرا به لڳايا ويا آهن. فوجي جوان پولنگ مڪمل ٿيڻ  ۽ ووٽن جي ڳڻپ تائين پولنگ اسٽيشنن تي موجود رهندا. مسلم ليگ ن طرفان اڳوڻي وزيراعظم جي گهر واري ڪلثوم نواز جڏهن ته تحريڪ انصاف طرفان ڊاڪٽر ياسمين راشد اميدوار آهي، پ پ جي فيصل مير ۽ جماعت اسلامي جي اميدوار ضياءَ الدين انصاري سميت 44 اميدوار ميدان تي لٿل آهن. مسلم ليگ ن ۽ تحريڪ انصاف جي اميدوار ۾ چوٽيءَ جي مقابلي جو امڪان آهي. اليڪشن ڪميشن پرزائيڊنگ آفيسرن کي پولنگ کانپوءِ نتيجا فوري طور جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، 39 پولنگ اسٽيشنن تي آزمائشي بنيادن تي بائيو ميٽرڪ مشينن جو استعمال ڪيو ويندو، تڪ ۾ 70 پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

17Sep

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي (ڪي ڊي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل ناصر عباس کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ايف آءِ اي اختيارين موجب ناصر عباس حقيقتون لڪائي پاسپورٽ ٺاهيو هو، سندس خلاف گذريل هڪ سال کان وٺي جاچ هلي رهي هئي. ناصر عباس کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.

16Sep

روپورٽ ويب ڊيسڪ واشنگٽن: پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پاڻي تڪرار بابت ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن جنهن کانپوءِ پاڪستان معاهدي تحت عالمي بئنڪ کان ٽياڪڙي ڪورٽ قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽ مطابق پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ورلڊ بئنڪ جي هيڊڪوارٽرز ۾ ٿيون، ڀارت ڪشن گنگا، رتلي هائيڊرو اليڪٽرڪ پلانٽ جي اڏاوت تي پاڪستان جا تحفظات ختم نه ڪيا ۽ پاڪستان طرفان ڪنهن به آپشن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. رپورٽ مطابق ڀارت عالمي بئنڪ طرفان ڏنل تجويزن سان به اتفاق نه ڪيو

15Sep

لاهور( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته نه اسان جي قيادت گاڊ فادر آهي ۽ نه وري اسان جو ڪو مافيا سان واسطو آهي، عدالتي رمارڪس ۽ زهر اوڳاڇڻ جهڙا لفظ رد ڪيون ٿا. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعد رفيق چيو ته انصاف لاءِ نظرثاني درخواست داخل ڪئي پر اميد باوجود نتيجن جو اندازو هو، جي آءِ ٽي جي طريقي تي خدشا هئا، جڏهن ته عدالتي فيصلن سان اختلاف سان ڏڦيڙ پکڙجندو آهي. هن چيو ته ملتان ۽ لاهور ۾ وڪيلن جي جهيڙي ۽ عدالت ۾ ٿيل جهيڙي تي حڪومت قانون موجب عدليه جي حفاظت ڪئي، اسان کي اطلاع مليا ته ڪجهه حلق ججن کي رپورٽ ڏئي رهيا آهن ته وڪيلن کي حڪومت ۾ موجود هڪ شخصيت جي سپورٽ حاصل آهي پر ان شخصيت پنهنجي پوزيشن واضح ڪئي، عدليه جي وقار جي حفاظت ۽ بدامني روڪڻ حڪومتي ادارن جي ذميواري آهي.

15Sep

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن ايس ايس پي آپريشنز اسلام آباد  کي حڪم جاري ڪيو  آهي ته 25 سيپٽمبر تي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي گرفتار ڪري ڪميشن سامهون پيش ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان جي گرفتاريءَ جا حڪم جاري ڪيا آهن ۽ ان حوالي سان ايس ايس پي آپريشن اسلام آباد کي گرفتاري وارنٽ به موڪليا ويا آهن ۽ چيو ويو آهي ته عمران خان کي گرفتار ڪري 25 سيپٽمبر تي ڪميشن سامهون پيش ڪيو وڃي  پر عمران خان ضمانت ڪرائي ته کيس گرفتار نه ڪيو وڃي.

15Sep

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف عدليه تي دٻاءَ ذريعي نگران جج کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس ناڪامي ملي آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ شريف خاندان جي نظرثاني درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته اصغر خان 22، 23 سال اڳ داخل ٿيو جيڪو 23 سال گذرڻ باوجود نه ٻڌو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته مي فيئر محلن جو ڪيس به 20 سال پراڻو آهي،  90 جي اليڪشن لاءِ مسلم ليگ ن ايجنسي کان رقم حاصل ڪئي. عمران خان چيو ته نواز شريف جي ڪوشش هئي ته مانيٽرنگ جج هٽي ويو ته سمورا ادارا ته سندس پنهنجا آهن. هن چيو ته نيب شريف خاندان خلاف ڪيسن تي ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته وڏن وڏن ڦورن جو اصل هنڌ اڊيالا جيل آهي، ماڻهو عدليه سان گڏ بيٺل آهن. عمران خان چيو ته شريف خاندان ججن کي خريد ڪيو ۽ عدليه تي ڏنڊا وسايا، شريفن جو وقت ختم ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ڪمپنيون نقصان ۾ وڃي رهيون آهن ۽ شريف خاندان جا ٻارڙا ارب پتي بڻجي ويا آهن. سندس چوڻ هو ته نواز شريف ڪڏهن به پاڪستان جي ادارن کي هلڻ نه ڏنو آهي. عمران خان چيو ته لاهور مان خوف ختم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن اهڙن ماڻهن جي چوڻ تي فيصلو ڪيو جنهن کين مقرر ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڇا اليڪشن ڪميشن توهين عدالت ڪيس ۾ اڳ ٻي ڪنهن کي طلب ڪيو آهي؟ عمران خان چيو ته پاناما ڪيس وڙهڻ سبب کيس سزا ڏني پئي وڃي ۽ بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، فيصلو ڪيو وڃي ته هي جمهوريت يا وري بادشاهت آهي.

15Sep

لاھور ( ويب ڊيسڪ )  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ناٺي ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر چيو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه منهنجو استاد آهي ۽ 8 مهينن تائين انفنٽري ڪاليج ۾ مون کي پڙهائيندو رهيو آهي. هڪ انٽرويو ۾ ڪيپٽن صفدر چيو ته جنرل راحيل شريف جا ٻن کان ٽي مهينا رهيل هئا ته ماڻهو پڇندا هئا ته نئون آرمي چيف ڪير هوندو، مان چوندو هيس ته سڀ ڪجهه لکجي چڪو آهي، تنهن ڪري انتظار ڪيو وڃي، ڪنهن ۾ به ڪنهن کي هٽائڻ يا ٺاهڻ جي طاقت ناهي. هن چيو ته جنرل باجوه لاءِ نه پر دعا ۽ نه وري دوا ڪئي آهي. سندس چوڻهو ته جنرل باجوه تمام گهڻو پروفيشنل ۽ قابل آفيسر آهي، پاڪ فوج ۾ جيڪي انسٽرڪٽر هوندا آهن اهي نارمل نه پر تمام گهڻا قابل آفيسر هوندا آھن

14Sep

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ بيرسٽر ظفر الله جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي نااهلي ڪنهن ضابطي ۽ قانون ۾ نٿي بڻجي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بيرسٽر ظفر الله چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اڄ تائين فيصلو ٻڌائيندڙ ججن کي نگران ناهي بڻايو

14Sep

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته نيب چيئرمين قمر زمان چوڌري پهرين ڏينهن کان تڪراري رهيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسيءَ سان ملاقات ۾ نيب چيئرمين جي نالي تي مشورو ڪيو ويو، مخالف ڌر جي پارٽين سان مشوري بعد جلد نئون نالو ڏنو ويندو. هن چيو ته نيب چيئرمين جي نالي لاءِ تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم سان رابطو ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته هن ڀيري نيب چيئرمين لاءِ اهڙي شخص جو نالو ڏينداسين جنهن جو سياست سان ڪو به تعلق نه هجي. خورشيد شاهه چيو ته اهڙو نيب چيئرمين چاهيون ٿا جيڪو رڳو ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري.

14Sep

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي قانوني ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته جيڪڏهن نيب ڪيس داخل ڪري ها ته کين سپريم ڪورٽ اچڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها، 18، 18 سالن کان شريف خاندان خلاف ڪيس التوا ۾ پيل آهن. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته نواز شريف جي وڪيل سپريم ڪورٽ کي چيو آهي ته ڪيس نيب کي ڏنو وڃي ته هو پاڻ ئي فيصلو ڪري ڇڏين، جيڪڏهن نيب ايتري ڀلي هجي ها ته سپريم ڪورٽ وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها. هن چيو ته  حديبيا پيپرز ڪيس 17 ورهين کان التوا ۾ پيل آهي، نيب جي پراسيڪيوٽر سپريم ڪورٽ کي خاطري ڪرائي آهي ته 10 ڏينهن ۾ ريفرنس تيار ڪري وٺنداسين، اڄ مهينن کانپوءِ ايئن نه ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته معاملن کي قانوني معاملن ۾ دلچسپي ناهي، اسان جي دلچسپي ان ۾ آهي ته فليگ شپ انويسٽمينٽ ۾ ڪيل 3 هزار پاڪستاني رپيه واپس اچڻ گهرجن. فواد چوڌري چيو ته شريف خاندان هڪ صوبائي بجيٽ برابر ڦرلٽ ڪئي آهي، ملوث ماڻهن کي سزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته شريف خاندان جو جاتي امر کان اڊيالا جيل تائين جو سفر ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته نيب جو چيئرمين رٽائر ٿي رهيو آهي،  هاڻي وقت اچي ويو آهي ته حڪومت مخالف ڌر سان گڏجي نيب قانون ٺاهي ادارن کي مضبوط ڪري. فواد چوڌري چيو ته پرويز مشرف کي عدالت ۾ گهرائڻ جي ن ليگ ڳالهه ڪئي، هاڻي 19 تاريخ تي عدالت نواز شريف کي طلب ڪيو آهي، ڏسجي ته اچو ٿا يا نه، 3 هزار ڪروڙ پرڏيهه منتقل ڪيل رقم واپس اچڻ گهرجي.

14Sep

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس 25 سيپٽمبر تي ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن عمران خان کي 25 سيپٽمبر تي هڪ دفعو ٻيهر پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي. اليڪشن ڪميشن پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ 2 حفاظتي مچلڪا جمع  ڪرائي. ان موقعي تي عمران خان جي وڪيل بابر اعوان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن ضمانت ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا آهن. هن چيو ته اهو فيصلو ڪرڻ ضروري آهي ته ڇا اليڪشن ڪميشن ۾ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي  جو اختيار آهي يا ناهي.

11Sep

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اسان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون، هن چيو ته اسان جي ڪوششن جي تذليل سان رڳو آمريڪي متاثر ٿيندا، پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته فوجي امداد ۾ ڪٽوتي سان چين، روس کان فوجي هٿيار خريد ڪرڻ تي مجبور ٿينداسين، هن چيو ته پاڪستان تي پابندي يا فوجي تعاون ۾ گهٽتائي آمريڪا خلاف نقصانڪار هوندي، پابندي سان ٻئي ملڪ انتهاپسندي خلاف جنگ ۾ متاثر ٿيندا.

I BUILT MY SITE FOR FREE USING