11Sep


: ڪراچي: ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي ٦۹ هين ورسي اڄ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي. اڄ ٿيندڙ مختلف تقريبن ۾ قومي جي ابي کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو، سندس روح کي ايصال ثواب پهچائڻ خاطر قرآن خواني پڻ ڪئي ويندي. قائداعظم جي مزار تي سياسي شخصيتون، هٿياربند فوجن جا نمائندا ۽ شهري حاضري ڀريندا ۽ گلن جون چادرون چاڙهيندا. ان کان علاوه قائد اعظم جي ورسي جي حوالي سان مختلف تنظيمن طرفان سڄي ملڪ ۾ سيمينارز ۽ ٻيون تقريبون پڻ ڪوٺايون ويون آهن جن ۾ باباءِ قوم کي ڀرپور نموني خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو.

11Sep

ڪراچي: پيپلزپارٽي جي ايم اين اي شازيه مري جي مبينه جعلي ڊگري خلاف درخواست جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ درخواستگذار عطا محمد چانڊيو موقف اختيار ڪيو ته پيپلز پارٽي جي ايم اين اي خلاف درخواست ڪافي عرصي کان التوا هيٺ آهي ۽ ايندڙ سال عام چونڊون آهن جيڪڏهن فيصلو نه ٿيو ته درخواست غيرموثر ٿي ويندي. هن چيو ته شازيه مري جي گريجوئيشن واري ڊگري فارم ۾ غلط شناختي ڪارڊ درج ٿيل آهي، ان ڪري جعلي ڊگري جي بنياد تي شازيه مري کي نااهل قرار ڏنو وڃي. درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي ته چونڊن کان اڳ درخواست اڪلائي وڃي. عدالت ڌرين کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ۳ آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

I BUILT MY SITE FOR FREE USING