11Sep

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڪشمير مسئلي تي گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عملدرآمد جا منتظر آهيون، قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران تحريري جواب جمع ڪرائيندي پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل قومن جي سمورن پليٽ فارمز تي ڪشمير مسئلي جي حل جي ڪوشش ڪئي، ڪشمير مسئلي جو واحد حل پرامن ڳالهيون آهن، هن چيو ته وزيراعظم جي خاص نمائندن ڪشمير مسئلي تي 11 ملڪن جا دورا ڪيا، والاريل ڪشمير ۾ انسانيت خلاف ڀارتي ڏوهن کي دنيا ۾ بي نقاب ڪيو.

11Sep

ڪراچي( ويب ڊيسڪ )  وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي پرڏيهه مان خطرو آهي، متحد ٿي مقابلو ڪرڻو پوندو. مزار قائد تي حاضريءَ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته ملڪ مان فرقيواريت جو خاتمو ٿي چڪو آهي، پاڪستان وڌي ويجهي رهيو آهي جنهن کي ايشين ٽائيگر بڻايو ويندو. هن چيو ته  اسان جي نوجوانن کي ورغلائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ سميت سموريون صوبائي حڪومتون گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن. احسن اقبال چيو ته بلوچستان جون حالتون تيزيءَ سان بهتري طرف وڃي رهيون آهن. هن چيو ته سموري دنيا پاڪستان جي ڪاميابين جو اعتراف ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته دهشتگرد سوشل ميڊيا ذريعي نوجوانن کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. احسن اقبال چيو ته ڪراچيءَ کي رينجرز امن جو آستان بڻايو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ فرقيواريت جي واقعن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. سندس چوڻ هو ته 2018ع ۾ حڪومت جون مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ عام چونڊون ٿينديون، سياسي پارٽين کي چونڊ سڌارن تي اتفاق ڪرڻ گهرجي. احسن اقبال چيو ته ورلڊ اليون ۾ ڪي به ڦٽيچر رانديگر شامل نه آهن. هن چيو ته 10 سالن کان ويران ميدان هڪ دفعو ٻيهر آباد ٿي رهيا آهن، ڪرڪيٽ ميچن کي صوبائي رنگ ڏيڻ غلط آهي. احسن اقبال چيو ته ڪنهن به ميچ لاءِ سڪيورٽي ڪليئرنس آءِ سي سي ڏيندي آهي.سندس چوڻ هو ته عوامي مرڪز ۾ لڳل باهه سان ڪو به قيمتي رڪارڊ ضايع نه ٿيو آهي. احسن اقبال چيو ته دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي ٿي آهي.

11Sep

ڪراچي: سنڌ جي ايڊوڪيٽ جنرل چيو آهي ته صوبائي حڪومت نيب قانون خلاف منظور ڪيل قانون تي نظرثاني ڪري رهي آهي. رپورٽ مطابق سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبي جي ماتحت ادارن ۽ وزارتن تي نيب قانون کي بي اثر ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪيل قانونسازي خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. ان موقعي تي ايڊوڪيٽ جنرل عدالت ۾ موقف پيش ڪيو ته صوبائي حڪومت نيب قانون بابت نظرثاني ڪري رهي آهي ۽ صوبائي ڪابينا ۾ ان جو نئين سر جائزو به ورتو ويندو جڏهن ته وڏي وزير هدايتون جاري ڪيون آهن ته ان حوالي سان ڪابينا ۾ جيڪو به فيصلو ٿئي ان بابت عدالت کي به آگاهه ڪيو وڃي. عدالت نيب کي سنڌ ۾ ڪم جاري رکڻ جي هدايت جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ۹ آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

11Sep

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ پوليس آفيسرن جون اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي سندن سزائن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس طارق عباسي ۽ جسٽس حبيب الله عامر تي ٻڌل لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بئنچ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻن پوليس آفيسرن جو موقف هو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت سندس طرفان پيش ڪيل شاهدين کي نظرانداز ڪيو، عدالت طرفان ٻڌايل سزا غير قانوني آهي تنهن ڪري سزائون کي رد ڪري کين بري ڪيو وڃي. عدالت سعود عزيز ۽ خرم شهزادي جي نظرثاني جي درخواستن کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ٻنهي پوليس آفيسرن جي سزائن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. عدالت دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۽ ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪندي رڪارڊ طلب ڪري ورتو، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Share

11Sep

لاهور: اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي ڪلثوم نواز جميعت اهلحديث جي سربراهه پروفيسر ساجد مير سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ ساجد مير اين اي ۱۲۰ لاهور تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ نواز ليگ جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي. ان حوالي سان پروفيسر ساجد مير جو وڌيڪ چوڻ هو ته اين اي ۱۲۰ تي جميعت اهلحديث جا ڪارڪن ڪلثوم نواز جي چونڊ مهم هلائي رهيا آهن، ايندڙ عام چونڊن ۾ به ن ليگ جي سپورٽ ڪنداسين. جڏهن ته مريم نواز جو ان موقعي تي چوڻ هو ته هوءَ ضمني چونڊ ۾ حمايت ڪرڻ تي سندس ٿورائتي آهي هن هميشه نواز شريف جو ساٿ ڏنو آهي

11Sep

لاهور( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ شريف خاندان جي شگر ملز جي منتقليءَ کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ منصور علي شاهه جي سربراهيءَ ۾  2 رڪني بئنچ شريف خاندان جي شگر ملز جي منتقلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت شريف خاندان جي شگر ملز جي منتقلي کي غير قانوني قرار ڏيندي چيو ته اتفاق شگر مل، حسيب وقاص ۽ چوڌري شگر ملز کي قانون جي ابتڙ منتقل ڪيو ويو تنهن ڪري ملز کي ٽن مهينن اندر واپس منتقل ڪيو وڃي. 2006ع ۾ نيون شگر ملون قائم ڪرڻ توڙي هڪ علائقي مان ٻي علائقي منتقلي تي پابندي لڳائي پر 2015ع ۾ پنجاب جي وڏي وزير ترميم ڪندي شگر ملز جي منتقلي تي پابندي کڻي ڇڏي جنهن بعد سندس ئي خاندان جي ٽن شگر ملز کي وچ پنجاب کان ڏکڻ پنجاب منتقل ڪيو ويو.

11Sep

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي پارٽي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. رپورٽ مطابق تحريڪ انصاف جي باغي اڳواڻ اڪبر ايس بابر جي درخواست تي ڊگهي ٻڌڻي کانپوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس ريٽائرڊ سردار محمد رضا فيصلو محفوظ ڪري ورتو. چيف اليڪشمن ڪمشنر ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف جي وڪيل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان اليڪشن ڪميشن کي ريسلنگ رنگ بڻائي ڇڏيو آهي، اوهان هاءِ ڪورٽ ۾ چئوٿا ته اسان ڪيس ٻڌڻ جا مجاز ناهيون. سردار محمد رضا وڌيڪ چيو ته ٽن سالن کان اوهان جو موقف ڪهڙو آهي اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي، تحريڪ انصاف طرفان هڪ ڏينهن هڪڙو وڪيل اچي ٿو ۽ ٻئي ڏينهن وري ٻيو.

11Sep

 ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته انتظامي مسئلا هر هنڌ هوندا آهن، آءِ جي جي معاملي تي ڪو تڪرار ناهي، عدالت جو معاملو هو اتان فيصلو آيو ۽ عدالت جي هدايتن مطابق ڪم ٿي رهيو آهي. قائد اعظم جي مزار تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته قائد اعظم جهڙي قسم جو ملڪ سوچيو هو اسان کي ان تي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ سياسي ليڊرن کي به قائد جي خيالن تي هلڻو پوندو.

11Sep

 اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار چيو آهي ته ناانصافي افراتفري ۽ انارڪي ڏانهن وٺي ويندي آهي، ضروري آهي ته قانون جي حڪمراني کي هر صورت ۾ برقرار رکيو وڃي. نئين عدالتي سال جي فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس آف پاڪستان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ججن کي هر قسم جي اثررسوخ کان آزاد هجڻ گهرجي، انساني حقن واري سيل وسيلي ۲۹٦۵۷ شڪايتون اڪلايون ويون. جسٽس ثاقب نثار چيو ته ڪا اٿارٽي يا ادارو آئين خلاف ڪم ڪري ته عدالت وٽ نظرثاني جو اختيار آهي، عدليا آئين ۽ قانون مطابق انصاف فراهم ڪندي آهي ۽ عدليا آئين ۽ قانون مطابق بنيادي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي آهي.

11Sep

 حيدرآباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ چورن جي حڪمراني آهي، سنڌ حڪومت منڇر سوڌو سنڌ جون سموريون ڍنڍون تباهه ڪري ڇڏيون آهن، ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ مان پي ٽي آءِ ڪامياب ٿي نئين سنڌ ٺاهيندي، حيدرآباد جي مشهور ڪاروباري شخصيت جاويد جوڻيجو کي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ واري دعوت ڏيڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ سنڌ جي سينيئر نائب صدر حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ جي ماڻهن سان زيادتي ٿي رهي آهي، پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي، سنڌ جي ڪنهن به علائقي ۾ روڊ رستو صحيح نموني ناهي ٺهرايو ويو، هن چيو ته سنڌ ۾ تبديلي جي ضرورت آهي، عمران خان سنڌ کي نئين سنڌ بڻائڻ چاهي ٿو، سنڌ جو عوام ايندڙ اليڪشن ۾ عمران خان جو ساٿ ڏئي چور حڪمرانن مان جان ڇڏائيندو، حليم عادل شيخ چيو ته عمران خان سنڌ شاد ۽ آباد جو نعرو هنيو آهي، دادو ۽ سکر کانپوءِ ۱۹ سيپمٽبر تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ جلسي ۾ لکين ماڻهن جي شرڪت ظاهر ڪندي ته سنڌ جو عوام ڪنهن سان گڏ آهي، حليم عادل شيخ چيو ته پي ٽي آءِ سنڌ جي هر مسئلي تي آواز اٿاري رهي آهي، شماريات کاتي طرفان سنڌ ۾ آدمشماري جي ڳڻپ وارا غلط انگ اکر جاري ڪيا آهن، آدمشماري واري معاملي ۾ گوٻيون ڪرڻ مان ثابت ٿي ويو آهي ته وفاق من گهڙت انگر اکر ظاهر ڪرائي سنڌ سان زيادتيون ڪري رهيو آهي، ان موقعي تي حيدرآباد جي ڪاروباري شخصيت جاويد جوڻيجو چيو ته کيس حليم عادل شيخ طرفان عمران خان جي هدايت تي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏني وئي آهي، جنهن کي هن قبول ڪندي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو باضابطا اعلان حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ۱۹ سيپٽمبر واري جلسي دوران ڪيو ويندو، ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران قريشي، محسن گهمڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ۰۰۱

11Sep

: واشنگٽن: خطرناڪ سامونڊي طوفان ارما آمريڪي رياست فلوريڊا سان ٽڪرائجي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هن مهل تائين ۴ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. تيز هوائن ۽ برساتن سبب زندگي جو ڪاروهنوار مفلوج ٿي ويو آهي ۽ ۳۰ لک ماڻهو بجلي کان محروم آهن. صدر ڊونلڊ ٽرمپ فلوريڊا کي آفت سٽيل قرار ڏيندي وفاقي حڪومت طرفان رياست جي مدد جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته آمريڪي ميڊيا مطابق ارما جي شدت ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ اهو هاڻي ڪيٽيگري ۲ ۾ تبديل ٿي ويو آهي. ارما طوفان جي ڪري شديد برساتن کان علاوه ۱۱۰ ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون به گهلي رهيون آهن جنهن ڪري ميامي شهر ۾ هڪ تعميراتي ڪرين ٽٽي ڪري پئي. سامونڊي طوفان جي ڪري ۵ کان ۱۰ فوٽن تائين لهرون بلند ٿي رهيون آهن جنهن ڪري ٻوڏ جو خدشو آهي. رياست فلوريڊا جي ساحلي شهر ٽامپا ۾ اڻڄاتل مدي تائين ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٽن ٻين ڪائونٽيز ۾ به پهريان ئي ڪرفيو لاڳو آهي. شديد برساتن سبب مواصلاتي نظام سخت متاثر ٿيو آهي ۽ ۳۰ لک کان وڌيڪ ماڻهو بجلي کان محروم آهن.


11Sep

: اسلام آباد: اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته هن هميشه نواز شريف کي سمجهايو ته ڪو به آرمي چيف پنهنجو ماڻهو نٿو بڻجي سگهي ڇوجو جيڪڏهن منهنجو سڳو ڀاءُ به آرمي چيف ٿي وڃي ته هو سڀ کان پهريان پنهنجي اداري سان مخلص هوندو. هڪ خانگي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي چوڌري نثار علي خان چيو ته اختلافن باوجود نواز شريف سان گذارو ٿي سگهي ٿو، سندس ڪوشش رهي آهي ته نواز شريف کي صحيح ان پٽ ڏنو وڃي. هن چيو ته سول ملٽري لاڳاپا ايترا خراب ناهن جيترا اهي پيش ڪيا وڃن ٿا ۽ هو تاثر به غلط آهي ته اوهان جي مرضي جو جرنيل اوهان کي فائدو ڏيندو. مون هميشه نواز شريف کي سمجهايو ته جيڪڏهن منهنجو ڀاءُ به آرمي چيف بڻجي وڃي ته هو سڀ کان پهريان پنهنجي اداري سان مخلص هوندو. هن چيو ته هن وقت ملڪ جي سلامتي کي شديد خطرا درپيش آهن ۽ اسان وٽ هاءِ پروفائيل انٽيليجنس رپورٽون آهن جن کي ظاهر نٿو ڪري سگهجي، ۵ ماڻهن کي ان بابت خبر هئي جن ۾ اڳوڻو وزيراعظم، اڳوڻو آرمي چيف جنرل ريٽائرڊ راحيل شريف ۽ هاڻي موجوده آرمي چيف کي ان بابت خبر آهي پر موجوده وزيراعظم کي ان حوالي سان بلڪل به ڄاڻ ناهي. اسان وٽ بليڪ اينڊ وائيٽ رپورٽس آهن ته پاڪستان کي اندر ۽ ٻاهر گهيرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن انهن ڳالهين کي شيئر يا پبلڪ نٿو ڪري سگهجي ڇوجو جيڪو ڪم ٿي رهيو آهي اهو رڪجي ويندو.


I BUILT MY SITE FOR FREE USING