17 Sep
17Sep

لاهور( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي نااهلي کانپوءِ خالي ٿيل سيٽ اين اي 120 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو سلسلو جاري آهي. لاهور  ۾ اين اي 120 جو تاريخي دنگل شروع ٿي چڪو آهي ۽ ووٽرن جو وڏو انگ راءِ جو حق ڏيڻ لاءِ پولنگ اسٽيشن پهچي ويو آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ ن جا ڪارڪن زبردست جوش جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. ووٽرن کي جهڙتي کانپوءِ پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته سڃاڻپ ڪارڊ کانسواءِ ڪنهن کي به داخل ٿيڻ جي اجازت ناهي. پوليس ۽ رينجرز طرفان امن امان برقرار رکڻ لاءِ گڏيل گشت پڻ ڪيو پيو وڃي. تڪ جي 3 لک 21 هزار 786 ووٽرن لاءِ 220 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، مرد ووٽرن جو تعداد هڪ لک 79 هزار 642 ۽ عورت ووٽرن جو تعداد هڪ لک 42 هزار 144 آهي. پولنگ صبح 8 وڳي کان شروع ٿي جيڪا شام پنجين وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جاري رهندي، جنهن لاءِ انتظام سخت ڪيا ويا آهن. پولنگ اسٽيشن اندر ۽ ٻاهر فوج ۽ رينجرز مقرر آهي، جڏهن ته سي سي ٽِي وي ڪيمرا به لڳايا ويا آهن. فوجي جوان پولنگ مڪمل ٿيڻ  ۽ ووٽن جي ڳڻپ تائين پولنگ اسٽيشنن تي موجود رهندا. مسلم ليگ ن طرفان اڳوڻي وزيراعظم جي گهر واري ڪلثوم نواز جڏهن ته تحريڪ انصاف طرفان ڊاڪٽر ياسمين راشد اميدوار آهي، پ پ جي فيصل مير ۽ جماعت اسلامي جي اميدوار ضياءَ الدين انصاري سميت 44 اميدوار ميدان تي لٿل آهن. مسلم ليگ ن ۽ تحريڪ انصاف جي اميدوار ۾ چوٽيءَ جي مقابلي جو امڪان آهي. اليڪشن ڪميشن پرزائيڊنگ آفيسرن کي پولنگ کانپوءِ نتيجا فوري طور جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، 39 پولنگ اسٽيشنن تي آزمائشي بنيادن تي بائيو ميٽرڪ مشينن جو استعمال ڪيو ويندو، تڪ ۾ 70 پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

Comments
* The email will not be published on the website.
I BUILT MY SITE FOR FREE USING