15 Sep
15Sep

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف عدليه تي دٻاءَ ذريعي نگران جج کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس ناڪامي ملي آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ شريف خاندان جي نظرثاني درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته اصغر خان 22، 23 سال اڳ داخل ٿيو جيڪو 23 سال گذرڻ باوجود نه ٻڌو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته مي فيئر محلن جو ڪيس به 20 سال پراڻو آهي،  90 جي اليڪشن لاءِ مسلم ليگ ن ايجنسي کان رقم حاصل ڪئي. عمران خان چيو ته نواز شريف جي ڪوشش هئي ته مانيٽرنگ جج هٽي ويو ته سمورا ادارا ته سندس پنهنجا آهن. هن چيو ته نيب شريف خاندان خلاف ڪيسن تي ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته وڏن وڏن ڦورن جو اصل هنڌ اڊيالا جيل آهي، ماڻهو عدليه سان گڏ بيٺل آهن. عمران خان چيو ته شريف خاندان ججن کي خريد ڪيو ۽ عدليه تي ڏنڊا وسايا، شريفن جو وقت ختم ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ڪمپنيون نقصان ۾ وڃي رهيون آهن ۽ شريف خاندان جا ٻارڙا ارب پتي بڻجي ويا آهن. سندس چوڻ هو ته نواز شريف ڪڏهن به پاڪستان جي ادارن کي هلڻ نه ڏنو آهي. عمران خان چيو ته لاهور مان خوف ختم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن اهڙن ماڻهن جي چوڻ تي فيصلو ڪيو جنهن کين مقرر ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڇا اليڪشن ڪميشن توهين عدالت ڪيس ۾ اڳ ٻي ڪنهن کي طلب ڪيو آهي؟ عمران خان چيو ته پاناما ڪيس وڙهڻ سبب کيس سزا ڏني پئي وڃي ۽ بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، فيصلو ڪيو وڃي ته هي جمهوريت يا وري بادشاهت آهي.

Comments
* The email will not be published on the website.
I BUILT MY SITE FOR FREE USING