14 Sep
14Sep

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي قانوني ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته جيڪڏهن نيب ڪيس داخل ڪري ها ته کين سپريم ڪورٽ اچڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها، 18، 18 سالن کان شريف خاندان خلاف ڪيس التوا ۾ پيل آهن. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته نواز شريف جي وڪيل سپريم ڪورٽ کي چيو آهي ته ڪيس نيب کي ڏنو وڃي ته هو پاڻ ئي فيصلو ڪري ڇڏين، جيڪڏهن نيب ايتري ڀلي هجي ها ته سپريم ڪورٽ وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها. هن چيو ته  حديبيا پيپرز ڪيس 17 ورهين کان التوا ۾ پيل آهي، نيب جي پراسيڪيوٽر سپريم ڪورٽ کي خاطري ڪرائي آهي ته 10 ڏينهن ۾ ريفرنس تيار ڪري وٺنداسين، اڄ مهينن کانپوءِ ايئن نه ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته معاملن کي قانوني معاملن ۾ دلچسپي ناهي، اسان جي دلچسپي ان ۾ آهي ته فليگ شپ انويسٽمينٽ ۾ ڪيل 3 هزار پاڪستاني رپيه واپس اچڻ گهرجن. فواد چوڌري چيو ته شريف خاندان هڪ صوبائي بجيٽ برابر ڦرلٽ ڪئي آهي، ملوث ماڻهن کي سزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته شريف خاندان جو جاتي امر کان اڊيالا جيل تائين جو سفر ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته نيب جو چيئرمين رٽائر ٿي رهيو آهي،  هاڻي وقت اچي ويو آهي ته حڪومت مخالف ڌر سان گڏجي نيب قانون ٺاهي ادارن کي مضبوط ڪري. فواد چوڌري چيو ته پرويز مشرف کي عدالت ۾ گهرائڻ جي ن ليگ ڳالهه ڪئي، هاڻي 19 تاريخ تي عدالت نواز شريف کي طلب ڪيو آهي، ڏسجي ته اچو ٿا يا نه، 3 هزار ڪروڙ پرڏيهه منتقل ڪيل رقم واپس اچڻ گهرجي.

Comments
* The email will not be published on the website.
I BUILT MY SITE FOR FREE USING