پريانڪا شامي پناهگير ٻارڙن جي مدد لاءِ اردن پهچي وئي

عمان: گڏيل قومن جي ذيلي اداري يونيسيف جي خير سگالي واري سفير بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا شامي پناهگير ٻارڙن جي مدد لاءِ اردن پهچي وئي آهي، شام ۾ گهرو ويڙهه سبب لکين ماڻهو ڪئمپن ۾ ترسيل آهن جن جي صحت، تعليم ۽ ٻين ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پريانڪا چوپڙا ڪئمپن ۾ ٻارڙن سان ملاقاتون ڪري سندن ضرورتون معلوم ڪندي. پريانڪا چوپڙا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي مداحن لاءِ ڪجهه تصويرون ۽ وڊيوز به شيئر ڪيون آهن جن ۾ هوءَ پنهنجو پيغام ڏيندي چئي رهي آهي ته اسان کي پنهنجون اکيون ۽ دليون شام جي انهن ٻارڙن لاءِ کولڻيون پونديون جيڪي ڏکين حالتن سبب متاثر ٿيا آهن. دنيا ۾ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي ان کي محبت ۽ سٺي اميد سان حل ڪيو وڃي، آئون اهو ئي مقصد کڻي اردن پهتي آهيان.

I BUILT MY SITE FOR FREE USING