اداڪارا صبا قمر پاران ايف بي آر  جي نوٽيس واري خبر جي تصديق

لاهور (شوبز نيوز) ناليواري مشهور اداڪاره صبا قمر ايف بي آر پاران نوٽس جي خبر کي بي بنياد قرار ڏيئي ڇڏيو. اداڪاره جو چوڻ هو ته مون کي ايف بي آر پاران ڪو به نوٽس ناهي مليو ۽ نه ئي منهنجو گهر سيل ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ميڊيا ۾ پکڙجندڙ خبرن ۾ ڪا به سچائي نه آهي ڇاڪاڻ ته اهو سڀ هڪ شخص جي شرارتن جي ڪري ٿي رهيو آهي جيڪو پهرئين به مونکي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري چڪو آهي. صبا قمر وڌيڪ چيو ته منهنجا ايف بي آر کان سڀ معاملا صاف آهن ۽ آئون پنهنجي گهر ۾ تمام آرام سان ويٺل آهيان پر جيڪي ماڻهو مونکي بدنام ڪرڻ چاهين ٿا انهن خلاف قانوني ڪاروائي ضرور عمل ۾ آڻيندس. هن جو چوڻ هو ته خدا جو شڪر آهي جو هن کي پاڪستان کان علاوه ڀارتي ۾ به شهرت ۽ مقام مليو آهي.

I BUILT MY SITE FOR FREE USING