قانون جي شاگرياڻي ڪارا مونڊ ”مس آمريڪا“ بڻجي وئي 9 ڪلاڪ پهرين

واشنگٽن (شوبز نيوز) آمريڪي يونيورسٽي نورٽي ڊئم ۾ قانون جي شعبي ۾ پڙهندڙ شاگردياڻي ڪارا مونڊ ”مس آمريڪا“ چونڊجي وئي آهي. آمريڪي نوجوان حسينا 50 ٻين حسينائن کي شڪست ڏئي تاج پنهنجي نالي ڪيو. آمريڪي شهر اٽلانٽا سٽي ۾ ٿيل مس آمريڪا 2018ع جي مقابلي ۾ 51 سندرين شرڪت ڪئي ۽ ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي حسن جا جلوا وکيريا پر 23 ورهين جي اتر ڊڪوٽا جي ڪارا مونڊ سڀني کي پوئتي ڇڏيندي تاج کٽڻ ۾ ڪامياب رهي، جڏهن ته اهڙو اعزاز ملڻ کانپوءِ سندري کي 50 هزار آمريڪي ڊالر انعام، هزارين ڊالر پگهار ۽ ڪيترن ئي پراڊڪشن هائوسز جي ڪانٽريڪٽس ۾ شامل ڪيو ويندو. مس آمريڪا بابت چيو پيو وڃي ته هن برائون يونيورسٽي مان گريجوئيٽ آهي ۽ تازو هن نورٽي ڊئم يونيورسٽي ۾ قانون جي شعبي ۾ داخلا ورتي آهي، جڏهن ته ان کان اڳ هوءَ اتر ڊڪوٽا جي سلسلي جي اسٽينڊنگ ٽين، ”لٽل مس“، ”مس پري ٽين“ ۽ ”مس جونيئر ٽين“ جا اعزاز به پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي.

I BUILT MY SITE FOR FREE USING