سنڌ جي دلير نياڻي نازو ڌاريجو تي ٺهيل فلم ماءِ پيور لينڊ ۱۵ سيپٽمبر تي رليز ڪئي ويندي

ڪراچي: سنڌ جي بهادر نياڻي نازو ڌاريجو جي زندگي تي ٺهيل فلم ماءِ پيور لينڊ کي ۱۵ سيپٽمبر تي رليز ڪيو ويندو. ميڊيا مطابق نازو ڌاريجو نوشهروفيروز جي ننڍي ڳوٺ سان تعلق رکي ٿي، جنهن ۲۰۱۲ع ۾ شهرت ماڻي، فلم جي حوالي سان پاڪستان ڄائي برطانوي فلمساز سام مسعود چيو ته گوگل تي پاڪستاني پوليس جي ڪرپشن بابت شيون ڳولي رهيو هئس ته منهنجي نظر نازو ڌاريجو جي جدوجهد ۽ پوليس ڪرپشن خلاف ڪهاڻي تي پئي، جنهن کان پوءِ صحافين جي مدد سان نازو ڌاريجو ۽ سندس مڙس ذوالفقار سان ڳالهه ٻولهه ڪري فلم جو اسڪرپٽ ڏيکاريو، جنهن بابت هنن چيو ته هي ڪنهن ايڪشن فلم جي ڪهاڻي آهي. سام مسعود وڌيڪ ٻڌايو ته فلم جي مرڪزي ڪردار لاءِ ڪيترين ئي ڇوڪرين جا آڊيشن ورتا پر اسان کي ڪا ڇوڪري پسند نه آئي، جنهن کان پوءِ ڪنهن دوست نازو ڌاريجو جي ئي شهر جي هڪ اداڪارا جي تصوير ڏيکاري، جنهن کي ڏسي اسان ڪاسٽ ڪري ورتو، فلم جي ڪاسٽ لاءِ سهائي ابڙو جو انٽرويو اسڪائپ ذريعي ورتو ۽ معاملا حل ٿي ويا. هن چيو ته ماءِ پيور لينڊ ۾ سهائي ابڙو مرڪزي ڪردار نڀائي رهي آهي، جڏهن ته هوءَ ايڪشن هيرو وانگر ڪلاشنڪوف سان سوين ماڻهن جو مقابلو ڪندي. ياد رهي ته نازو ڌاريجو ٻني جي مسئلي تي ٻه سئو هٿياربندن سان ويڙهه ڪئي هئي.

I BUILT MY SITE FOR FREE USING