”اڃا ڪيريئر جي شروعات آهي“ ڪترينا ڪيف جو شادي کان ٺُپ جواب

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ باربي ڊول ڪترينا ڪيف پنهنجي شادي بابت هڪ اهم انڪشاف ڪري ڇڏيو آهي. ڪترينا ڪيف صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته مون کي لڳي ٿو شادي سان ڪيريئر تي ڪيترائي اثر پون ٿا، هيءَ اڃا منهنجي ڪيرير جي شروعات آهي ۽ مان پنهنجو سڄو ڌيان پنهنجي ڪيريئر تي ڏيڻ چاهيان ٿي، انهي ڪري مان في الحال شادي نه ٿي ڪرڻ چاهيان. ڪترينا ڪيف وڌيڪ چيو ته عوام منهنجي ڪم کي تمام گھڻو ساراهي ٿو، مون کي جيتري عزت ۽ شهرت ملي آهي، ان تي مداحن جي حد کان وڌيڪ ٿورائتي آهيان. هن چيو ته اڃا منهنجي ڪيريئر جي شروعات هلي رهي آهي، منزل گهڻي پري آهي، جتي پهچڻ لاءِ اڃا وقت گھربل آهي، تنهن ڪري في الحال شادي جو ڪو ارادو نٿي رکان

I BUILT MY SITE FOR FREE USING