پاڪستان ورلڊ اليون کي شڪست ڏئي آزادي ڪپ کٽي ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ): ٽئين ٽي ٽوئنٽي مئچ ۾ پاڪستان ورلڊ اليون کي شڪست ڏئي ڇڏي، قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيل ٽئين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان 20 اوورز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 183 رنز ٺاهيون، قومي ٽيم طرفان اننگ جي شروعات فخر زمان ۽ احمد شهزاد محطاط انداز ۾ ڪئي ۽ ٻنهي پهرين وڪيٽ جي ڀائيواري ۾ 61 رنز بڻائي سٺو اسٽارٽ فراهم ڪيو، اوپنر فخر زمان 2 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 27 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿيو، احمد شهزاد ۽ بابر اعظم ٻي وڪيٽ تي محطاط انداز ۾ بيٽنگ ڪري ٽيم کي سهارو ڏنو ۽ ٻنهي 102 رنز جي پارٽنر شپ قائم ڪئي، جڏهن ته احمد شهزاد 55 بالن تي 8 چوڪن ۽ 3 ڇڪن جي مدد سان 89 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو، بابر اعظم 48 رنز ٺاهي ٿسارا پريرا جي بال تي فاف ڊوپليسي کي ڪيچ ڏئي ويٺو، جڏهن ته عماد وسيم کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويو، شعيب ملڪ 7 بالن تي 2 ڇڪن جي مدد سان 17 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، ورلڊ اليون طرفان هدف پٺيان اننگ جي شروعات تميم اقبال ۽ هاشم آمله ڪئي ۽ ٻئي ئي اوور ۾ نوجوان فاسٽ بالر عثمان خان تميم اقبال کي 14 رنز تي بولڊ ڪري ڇڏيو، فاسٽ بالر حسن علي 41 رنز جي مجموعي اسڪور تي اسڪوربين ڪٽنگ کي بولڊ ڪيو، جڏهن ته ٻئي بال تي ئي هاشم آمله به 21 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو، ورلڊ اليون جي چوٿين وڪيٽ جارج بيلي جي ڪري جيڪو 5 رنز ٺاهي عماد وسيم جي بال تي بولڊ ٿيو، ڏهن ته 67 جي اسڪور تي ڪپتان فاف ڊوپليسي 13 رنز ٺاهي شاداب جي بهترين ٿرو تي رن آئوٽ ٿيو، ورلڊ اليون جو ٿسارا پريرا طوفاني اننگ کيڏندي 2 چوڪن ۽ 3 ڇڪن جي مدد سان 32 رنز ٺاهي رومان رئيس جو شڪار بڻيو، ڊيوڊ ملر 32 رنز بڻائي حسن علي جي بال تي بابر اعظم هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو ۽ مروني مورڪل به 139 جي مجموعي اسڪور تي رن آئوٽ ٿيو، ورلڊ اليون جي ٽيم اوور مڪمل ٿيڻ تي 8 وڪيٽن جي نقصان تي 140 رنز ٺاهي سگهي، اهڙيءَ ريت پاڪستان آزادي ڪپ ۾ ورلڊ اليون کي هڪ جي مقابلي ۾ ٻن مئچز تان شڪست ڏئي ڇڏي.

I BUILT MY SITE FOR FREE USING