ويسٽ انڊيز نومبر ۾ ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان اماڻڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي

[رپورت: [ويب ڊيسڪ ] لاهور: پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جا دروازا کلندا پيا وڃن ۽ هاڻي ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ به نومبر ۾ پنهنجي ٽيم کي پاڪستان اماڻڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي. ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه ڊيو ڪئميرون پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي سان گڏ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هو سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن کان مطمئن آهي. ان موقعي تي نجم سيٺي ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪندي چيو ته گذريل چئن سالن کان اسان دوست آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ويسٽ انڊيز بورڊ جي سربراهه هتي جيڪو ڪجهه ڏٺو ان کانپوءِ ٽيم موڪلڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي

I BUILT MY SITE FOR FREE USING