سلوني اسٽيفنز يو ايس اوپن جو ٽائٽل کٽي وئي

: نيويارڪ: آمريڪا جي ٽينس اسٽار سلوني اسٽيفنز يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جو ويمنز سنگلز ايونٽ کٽي ورتو آهي. هن فائنل ۾ آمريڪا جي ميڊين ڪيز کي اپ سيٽ شڪست ڏئي پنهنجي ڪيريئر جو پهريون گرينڊ سلام ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. آمريڪا ۾ جاري سال جي چوٿين ۽ آخري گرينڊ سلام ٽورنامينٽ يو ايس اوپن جي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن تي کيڏيل وومينز ايونٽ جي فائنل ميچ ۾ آمريڪا جي سلوني اسٽيفنز شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي آمريڪا جي ٽي ۱۵ سيڊڊ رانديگر ميڊين ڪيز کي اسٽريٽ سيٽس ۾ ۳،٦ ۽ ۰،٦ تان هارائي ڪري ٽورنامينٽ کٽي ورتو آهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سلوني اسٽيفنز چيو ته پهريون ڀيرو سال جي چوٿين ۽ آخري گرينڊ سلم يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جو ٽائٽل کٽڻ تي خوش آهيان. هن چيو ته هوءَ زندگي جي انهن گهڙين کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي. هن چيو ته هوءَ مڪمل طور تي فٽ ۽ ڀرپور فارم ۾ آهي ۽ مستقبل ۾ پڻ پنهنجي شاندار ڪارڪردگي جو تسلسل برقرار رکندي.

I BUILT MY SITE FOR FREE USING