آزادي ڪپ ۾ شرڪت لاءِ ورلڊ اليون جي ٽيم پاڪستان پهچي وئي

لاهور( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ بحال ٿي وئي، آزادي ڪپ لاءِ ورلڊ اليون جي ٽيم ٽي 20 ميچون کيڏڻ لاءِ پاڪستان پهچي وئي آهي. پاڪستان عالمي ڪرڪيٽ جو ميلو سجڻ ۾ باقي هڪ ڏينهن رهجي ويو آهي جنهن لاءِ ستن ملڪن جي رانديگرن تي ٻڌل ورلڊ اليون جي ٽيم دبئي مان لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتي ته پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي سميت ڪرڪيٽ بورڊ جي اعليٰ اختيارين سندن شاندار آجيان ڪئي. هوائي اڏي تي سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا جتان رانديگرن کي سڪيورٽي جي سخت ڪڙي ۾ هوٽل آندو ويو. ان کان اڳ ورلڊ اليون جي ٽيم دبئي مان لاهور پهتي ته پي سي بي رانديگرن جا فوٽيجز سوشل ميڊيا تي جاري ڪري اطلاع ڏنو ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جا ميدان ٻيهر آباد ٿي ويا آهن.

I BUILT MY SITE FOR FREE USING