پاڪستان ۽ ورلڊ اليون وچ ۾ فيصلائتي ميچ اڄ کيڏي ويندي

لاهور: رپورٽ:(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ورلڊ اليون وچ ۾ فيصلائتي ميچ اڄ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي جنهن لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. رپورٽ مطابق آزادي ڪپ سيريزجي پهرين ميچ پاڪستان ۲۰ رنسن تان کٽي هئي، ٻئي ميچ ۾ ورلڊ اليون ۷ وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته آخري ۽ فيصلائتي ميچ اڄ کيڏي ويندي. توقع ڪئي پئي وڃي ته فيصلائتي ميچ هجڻ ۽ بهتر موسم سبب اڄ ماڻهو وڏي انگ ۾ قذافي اسٽيڊيم جو رخ ڪندا.

I BUILT MY SITE FOR FREE USING