آزادي ڪپ: پاڪستاني ٽيم ورلڊ اليون کي 20 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽيم آزادي ڪپ جي پهرين ميچ ۾ مهمان ورلڊ اليون ٽيم کي 20 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ورلڊ اليون جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 177 رنسون ٺاهي سگهي. لاهور ۾ آزادي ڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ ورلڊ اليون جي ڪپتان فاف ڊوپليسي ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو. بيٽنگ جي دعوت ملڻ کانپوءِ پهريان کيڏندي پاڪستاني ٽيم 5 وڪيٽن جي نقصان تي 197 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان بابر اعظم 86 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ احمد شهزاد 39، شعيب ملڪ 38، فخر زمان 8 ۽ ڪپتان سرفراز احمد 4 رنسون ٺاهيون. ورلڊ اليون طرفان ٿسارا پريرا 2، جڏهن ته مورني مورڪل، ڪٽنگ ۽ عمران طاهر هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ ورلڊ اليون جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 177 رنسون ٺاهي سگهي. مهمان ٽيم طرفان تميم اقبال 18، هاشم آملا 26، پين 25، ڪپتان فاف ڊوپليسي 29، ڊيوڊ ملر 9، گرانٽ ايليٽ 14 ۽ ٿسارا پريرا 17 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ڊيرن سيمي 29 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان طرفان شاداب خان، رومان رئيس ۽ سهيل خان ٻن ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو

I BUILT MY SITE FOR FREE USING