پاناما ليڪس ڪيس: سپريم ڪورٽ شريف خاندان جون نظرثاني اپيلون رد ڪري ڇڏيون

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس ۾ شريف خاندان جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون آهن. پاناما نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ ڪئي. ٻڌڻي دوران نواز شريف جي ٻارن جي وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل مڪمل ڪيا، جڏهن ته شيخ رشيد احمد به دليل ڏنا. دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. پنج رڪني بئنچ نواز شريف، حسن، حسين نواز، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جون نظرثاني جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون. عدالت مختصر فيصلو ٻڌائيندي چيو ته اپيلون رد ڪرڻ جو سبب بعد ۾ ٻڌايو ويندو.

I BUILT MY SITE FOR FREE USING