بينظير ڀٽو قتل ڪيس جو فيصلو قبول ناهي، حقيقي قاتلن کي سزا ڏني وڃي: بلاول ڀٽو زرداري

دادو (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بينظير ڀٽو قتل ڪيس جو فيصلو قبول نٿا ڪيون، اهو فيصلو نه ظلم آهي، بينظير ڀٽو رڳو منهنجي ماءُ نه پر غريب عوام جو سهارو هئي، سندس قاتلن کي سزا ملڻ گهرجي. دادو ۾ جلسي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ مجرماڻي غفلت تي پوليس اهلڪارن کي سزا ڏني وئي پر انهن کي حڪم ڏيندڙن جو ڪيس ۾ نالو نشان ئي ناهي، سڀ کان وڏو سهولتڪار مشرف آهي ۽ اهو ملڪ کان فرار آهي. هن چيو ته ميان صاحب پاڻ نااهل ٿي ويو ۽ نااهلن جي فوج ڇڏي ويو، هاڻوڪي حڪومت ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان گهڻو قرض ورتو، حڪومت نيشنل ايڪشن پلان دفن ڪري ڇڏيو، ميان صاحب! ڪجهه شرم هوندو آهي، ڪجهه حيا هوندي آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ بيروزگاري ۽ غربت وڌي وئي آهي، ن ليگ جي حڪومت معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو، انهن وٽ ملڪ سنڀالڻ جي صلاحيت ناهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ن ليگ وارن کي رڳو اقتدار جي بُک آهي، حڪمرانن کي ملڪ ۽ عوام جي ڪا به ڳڻتي ناهي، ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف آمريت جي پيدوار آهن، عمران خان سنڌ جو عوام توهان جي دوکي ۾ نه ايندو. پ پ چيئرمين چيو ته ملڪ نواز شريف جو نه، 20 ڪروڙ عوام جو آهي، پ پ عوام جي پارٽي آهي، سنڌ خلاف ناڪاري پروپئنگڊا ٿي رهي آهي، وفاقي حڪومت اسان جا فنڊ روڪيندي آهي، ان باوجود ترقياتي ڪم تيزيءَ سان جاري آهن، تعليم جي شعبي ۾ بهتري آڻي رهيا آهيون، نيون اسپتالون ٺاهيون ويون آهن، مختلف شهرن ۾ دل جي مرضن جون اسپتالون ٺاهي رهيا آهيون، ڪراچي ۾ نوان انڊر پاس ٺهي رهيا آهن، شهر جا روڊ رستا خوبصورت شاهراهه بڻجي ويا آهن، اسان نوجوانن کي روزگار ڏنو آهي، سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪم ڪنهن کي به نظر نٿو اچي

I BUILT MY SITE FOR FREE USING