لاهور جا ماڻهو فيصلو ڪندا ته اهي عدالتن سان گڏ بيٺا آهن: عمران خان

خوشاب (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته سڀاڻي اين اي 120 تي زبردست ميچ ٿيڻ واري آهي، لاهور جا ماڻهو فيصلو ڪندا ته اهي عدالتن سان گڏ بيٺا آهن. خوشاب ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مان 21 سال اڳ هتي اچي سياسي تقرير ڪئي ۽ چيو ته ڪرپشن سڀ کان وڏو مسئلو آهي، ان وقت ماڻهن کي سمجهه ۾ نه آيو، هاڻ مالڪ جو شڪر ادا ڪيان ٿو ته قوم کي سمجهه اچي وئي آهي ته مان 21 ورهين کان ڇا چئي رهيو آهيان. هن چيو ته ڪرپشن ملڪ کي اڏوهيءَ جيان کائي رهي آهي، جيڪو امير ترين ڪرپٽ ملڪ هوندو آهي، اتي خوشحالي نه غربت هوندي آهي، جيستائين ڪرپشن جو مرض ختم نٿو ٿئي نوجوان بيروزگار گهمندا وتندا، غريب وڌيڪ غريب ٿيندو، هتي عوام کي پيئڻ جو پاڻي به نه ملندو. سندس چوڻ هو ته مريم بي بي جا ڀائر چون ٿا ته الحمد الله اسان جي پراپرٽي آهي، مريم کي ڪهڙي خبر ته الله جي پڪڙ ڇا ٿيندي آهي، انهن کي ڪهڙي خبر ته پاناما ۾ انڪشاف ٿي ويندو، مريم بي بي توهان کي ڪوڙ ڳالهائڻ جي ضرورت ڇو پئي، حلال جو پئسو هو ته توهان ڪوڙ ڇو ڳالهايو

I BUILT MY SITE FOR FREE USING