سپريم ڪورٽ جو فيصلو انصاف جي تقاضن تي پورو نٿو لهي: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪرڻ جو واعدو پورو ڪيو، هن سٺي نيت سان نه رڳو پاڻ پر ٽن نسلن کي به احتساب لاءِ پيش ڪيو، نواز شريف خلاف هڪ پئسي جي به مني لانڊرنگ ثابت ناهي ٿي سگهي، جيڪڏهن قيامت تائين نواز شريف خلاف ڪا ڳالهه ثابت نه ٿيندي ته ڇا قيامت تائين ٽرائل هلندو رهندو؟. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته جن سوالن تي ايتري واويلا مچائي وئي، انهن جو ڪيس سان ڪو واسطو نه هو، نواز شريف خلاف فيصلو اقامي تي آيو. هن چيو ته نواز شريف خلاف فيصلي تي قانون جا ماهر به حيران آهن، اسان کي وضاحت جو موقعو ئي نه ڏنو ويو، سپريم ڪورٽ جو فيصلو انصاف جي تقاضن تي پورو نٿو لهي، عدالت جي جواب ۾ جواب به آهي ۽ سوال به آهي، اسان جو مڃڻ ته پري جي ڳالهه سڄي دنيا ان فيصلي کي نٿي مڃي. سندس چوڻ هو ته ججن پاڻ چئي ڇڏيو ته ڪرپشن ناهي ٿي، نواز شريف صادق به آهي ۽ امين به آهي، فيصلو ڪندڙ پاڻ ڪنفيوز آهن، ان فيصلي نواز شريف کي نقصان نه فائدو پهچايو، ڏاڍو سٺو ٿيو ڪجهه ماڻهن جي پرک ٿي وئي. مريم نواز چيو ته هڪ اقامي تي ڪروڙين ووٽ کڻندڙ کي نااهل ڪيو ويو، ڏيڍ سال اسان چُپ رهياسين، هاڻ ڳالهائي رهيا آهيون ته ٻڌڻ جو حوصلو رکو، ان عرصي دوران اسان جو بدترين ميڊيا ٽرائل ۽ عدالتي ٽرائل ٿيو.

I BUILT MY SITE FOR FREE USING