نواز شريف جي اقتدار کي مريم ٻوڙيو آهي: شيخ رشيد

لاهور (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف جي اقتدار ۾ سڀ کان تباهي مريم جو هٿ آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ن ليگ کي حديبيا ڪيس کان تڪليف آهي، ڇو ته ان ۾ مريم، حمزا، ڪلثوم، شهباز ۽ نواز شريف به آهن، اهو ڪيس ثابت ٿيل آهي، اهو هڪ اهڙو ڪيس آهي جو مريم نه رڳو پارٽي ٽوڙيندي پر خاندان به ٽوڙيندي. هن اسحاق ڊار کان فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته جيڪڏهن هو 164 جي بيان کان پوئتي هٽيو ته اهو به شريف خاندان سان گڏ ڏوهاري هوندو. سندس چوڻ هو ته نواز شريف لنڊن ۽ شهباز شريف ترڪي ۾ ويهي اين آر او چاهين ٿا، جيڪڏهن لاهور وارن غلاميءَ جي زنجير ٽوڙي ڇڏي ته جمهوريت مضبوط ٿيندي

I BUILT MY SITE FOR FREE USING