نواز شريف ۽ ڊار عدليه خلاف مهم جا مهندار آهن، هاڻ جيڪو پوکيندئو اهو لڻڻو پوندئو:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس خلاف نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي دوران چيو آهي ته نواز شريف ۽ اسحاق ڊار عدليه خلاف توهين واري مهم جا سربراهه آهن، هاڻ جهڙو پوکيندئو اهو ئي لڻندئو وارو ڪم هلندو. جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ جسٽس گلزار احمد، جسٽس اعجاز افضل، جسٽس عظمت سعيد ۽ جسٽس اعجاز الاحسن تي ٻڌل 5 رڪني لارجر بئنچ ٻڌڻي ڪئي. نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏنا ته نااهلي ۽ اليڪشن کي رد ڪرڻ ۽ نااهلي ڌار ڌار معاملا آهن. نااهلي لاءِ ٽرائل ضروري آهي. آرٽيڪل 62 ايف ون صرف اثاثا لڪائڻ لاءِ استعال نه ٿيندو. نواز شريف کي اقامي ۽ پگهار ظاهر نه ٿيڻ تي نااهل قرار ڏنو ويو. هو پگهار کي ملڪيت سمجهندو ئي نه هو. جسٽس اعجاز افضل چيو ته لکت کي زباني ڳالهه تي اهميت آهي. لکت ۾ ڪٿي به نه لکيو ويو ته نواز شريف پگهار نه وٺندو. باقي دستاويزن ۾ اهو ته نواز شريف کي 10 هزار درهم ملندا آهن، اسان ڪيئن سمجهون ته هو پگهار کي اثاثو نه ٿو سمجهي. نواز شريف جي وڪيل چيو ته صرف غلطي ڪرڻ تي نواز شريف کي صادق ۽ امين نه چيو ويو. عدالت چيو ته نواز شريف پگهار وارو اڪائونٽ ظاهر نه ڪيو. وڪيل چيو ته جي آءِ ٽي اهو نه چيو ته نواز شريف اڪائونٽ لڪايو، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته نواز شريف جي امپلائي نمبر 194811 آهي ۽ دستاويز چون ٿا ته پگهار وصول ڪئي وئي. نواز شريف جي ڪيپيٽل ايف زيڊ اي اڪائونٽ ۾ آگسٽ 2013ع جي پگهار به آئي. وڪيل چيو ته نئب کي جاچ جو حڪم ڏئي سگهجي پيو، اوهان ته ٻارن تي ريفرنس جو حڪم ڏنو، جنهن تي جسٽس عظمت سعيد چيو ته ٻار ڪير نه ناهي، سڀ ٻارن وارا آهن. جسٽس آصف سعيد کوسي چيو ته جيڪڏهن نئب ڪم ڪري ها ته ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ نه اچي ها. اوهان کي نئب چيئرمين جا اهي لفظ نه وساريو ته هن ڀري عدالت ۾ چيو ته هو ڪم نه ڪندا. جيڪو ڪرڻو هجي ڪري وٺو، نگران جج نه رکون ها ته ريفرنس به داخل نه ٿين ها. نگران جج جي روايت پراڻي آهي. احتساب عدالتن جا به نگران جج آهن، جسٽس آصف سعيد چيو ته نواز شريف عدليه تي اعتماد ڪري رستي تي نه، ماضي به سندس حق عدليه بچايا، ٽرائل ڪورٽ زيادتي ڪئي ته اتي به کيس بچائينداسين. خواجا حارث جي ٻڌڻي بعد اسحاق ڊار جي وڪيل شاهد حامد پڻ دليل پيش ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ ان جي اصيل خلاف ڪو به حڪم ناهي هن جي آءِ ٽي جي غلط اختيارن جي پڻ شڪايت ڪئي ، جنهن تي جسٽس گلزار  ۽ جسٽس اعجاز الحسن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اثاثا آمدني کان  90 ڀيرا وڌي وڃن ۽ اسان اکيون ٻوٽي ويهي رهون ، جنهن تي شاهد حامد چيو ته اثاثا هڪدم نه بلڪه 15 سالن ۾ وڌيا آهن ، جنهن تي جسٽس آصف سعيد کوسا سوال ڪيو  ته توهانجي موڪل 164 جي اعترافي بيان کي چيلينج ڪيو ، جنهن تي اسحاق ڊار جي وڪيل چيو ته اعترافي بيان جعلي آهي.

I BUILT MY SITE FOR FREE USING