نواز شريف جي نااهلي تي سمورا جج متفق هئا، امير ۽ غريب لاءِ ڌار قانون نه ٿا ٿي سگهن:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته نواز شريف جي نااهلي ۽ نئب ريفرنس جو فيصلو متفق هو. فيصلي ۾ محتاط زبان استعمال ڪئي وئي. وڌيڪ چيو ويو ته هاڻ ڇيڙڻ بند نه ٿيو ته پوءِ شڪايت نه اچڻ گهرجي. پاناما ڪيس جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل جي 5 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.  جسٽس اعجاز الحسن چيو ته 10 هزار پورهيو ڪندڙ جيل وڃي ٿو، امير ۽ غريب لاءِ ڌار ڌار قانون نه ٿو ٺهي سگهي. جسٽس آصف سعيد کوسي جي سربراهي ۾ جسٽس گلزار احمد،جسٽسد اعجاز افضل، جسٽس شيخ عظمت سعيد ۽ جسٽس اعجاز الاحسن تي ٻڌل بئنچ ٻڌڻي ڪئي. نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث چيو ته جن ججن 20 اپريل تي فيصلو ڏنو انهن جو 28 جولاءِ جي فيصلي ۾ ويهڻ جو جواز نه هو. جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنوته نواز شريف جي نااهلي تي سمورا جج متفق هئا. 20 اپريل تي نااهلي جو فيصلو ڏيندڙ ججن 28 جولاءِ تي هڪ لفظ به ناهي لکيو . صرف حتمي فيصلي تي صحيح ڪئي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته 20 اپريل تي ٻن ججن جي فيصلي خلاف اوهان اپيل داخل نه ڪئي. جنهن تي خواجا حارث چيو ته اهو فيصلو اقليتي هو. 20 اپريل تي اڪثريتي فيصلو مڃيو هو. خواجا حارث چيو ته نئب ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ قانون موجب نه هو. اڄ تائين جاچ ۽ ٽرائل تي نگران جج مقرر ڪرڻ جو مثال نه ٿو ملي. فيصلي ۾ اهو به لکيل ناهي ته فيصلو ڏيندڙ جج ئي عملدرآمد ڪرائي سگهندا. هن چيو ته نواز شريف تي 62 ايف ون ۽ 63 تحت نااهل قرار ڏنوويو. کانئس وضاحت ۽ شفاف ٽرائل جو حق به نه ڏنو ويو. جسٽس اعجاز افضل چيوته فيصلي ۾ ڪاٿي لکيو آهي ته نااهلي تاحيات آهي.نواز شريف جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ هڪ ئي وقت جاچ ڪندڙ شڪايت ڪندڙ ۽ ٽرائل عدالت جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. 

I BUILT MY SITE FOR FREE USING