سڄي ملڪ ۾ ڏيڍ سال دوران 8 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ايڊز ۾ مبتلا

سلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ ۾ ڏيڍ سال دوران 8 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ايڊز جي مرض جو شڪار هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.  قومي صحت واري وفاقي وزير سائره تارڙ ايڇ آءِ وي جي مريضن بابت تفصيل ايوان ۾ پيش ڪري ڇڏيا آهن. سندس چوڻ آهي ته ايڊز جي مريضن جو انگ ڪاٿي کان وڌيڪ آهي، پهرين جنوري 2016 ع کان 30 جون 2017ع تائين ايڊز جا 8074 مريض رجسٽرڊ ٿيا آهن، پنجاب ۾ ايڊز ايڇ آءِ وي جا 3878 ڪيس رجسٽرڊ ڪيا ويا، جڏهن ته سنڌ ۾ ايڊز جي مريضن جو انگ 2521 آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪي پي ۾ ايڊز جي مريضن جو انگ 881 آهي، وفاق ۾ 503 ايڊز جا ڪيس رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن، بلوچستان ۾ ايڊز جا ڪل 291 ڪيس سامهون آيا آه

I BUILT MY SITE FOR FREE USING