اسفند يار ولي وري فاٽا مسئلي کي تڪراري بڻائي رهيو آهي:مولا نا فضل رحمان.

سلام آباد (ويب ڊيسڪ ) جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسفند يار ولي هڪ ڀيرو وري  فاٽا مسئلي کي تڪراري بڻائي رهيو آهي، اسفنديار ولي 2012ع ۾ به فاٽا کي تڪراري بڻايو. عوامي نيشنل پارٽي جي صدارت هيٺ اي پي سي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته فاٽا کي پختون خوا ۾ ضم ڪرڻو آهي ته پهرين انهن کي پنهنجن گهرن ۾ آباد ڪرايو ۽ ڪميٽي بڻائي ان معاملي کي حل ڪيو وڃي. هن چيو ته اسفنديار ولي واضع ڪري ته انضمام جي صورت ۾ ڊيورنڊ لائن ڇا هوندي، اسٽيٽس کي تبديل ڪرڻ لاءِ فاٽا جي عوام کان پڇڻ گهرجي.  هن وڌيڪ چيو ته مهمان آهيان تڏهن ئي جرئت سان ڳالهائي رهيو آهيان، آئون اسفنديار ولي کي دانهن ٿو ڏيان ته ان معاملي کي تڪراري نه بڻائي، اسان کي اتفاق راءِ ڏانهن وڃڻو پوندو.

I BUILT MY SITE FOR FREE USING