ڪچي تيل جي پيداوار ۾ لاٿ ۽ گهرج وڌڻ سبب مهانگو ٿيڻ جا امڪان

نيويارڪ: سڄي دنيا ۾ ڪچي تيل جي پيداوار ۾ لاٿ ۽ گهرج ۾ اضافي سبب اگهن ۾ اضافي جا امڪان آهن. رپورٽ موجب ماهرن جو چوڻ آهي ته ۲۰۱۷ع دوران برنٽ نارٿ سي ڪروڊ جو اگهه ۵۳ .۵۲ ڊالر في بيرل رهڻ جا امڪان آهن، ان کان اڳ اگهه ۴۵ .۵۲ ڊالر في بيرل رهڻ جا امڪان ظاهر ڪيا ويا هئا. ماهرن جو چوڻ آهي ته ۲۰۱۸ع دوران برنٽ نارٿ سي ڪروڊ جو اگهه وڌي ۴۸ .۵۴ ڊالر في بيرل ٿي سگهي ٿو، هلندڙ سال اڃان تائين اهو اگهه ۱۵ .۵۲ ڊالر في بيرل رهيو آهي. ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ بابت ماهرن جو چوڻ آهي ته ۲۰۱۷ع دوران ان جو اگهه ۰۱ .۵۰ ڊالر في بيرل جڏهن ته ۲۰۱۸ع ۾ ۹۲ .۵۱ ڊالر في بيرل رهڻ جا امڪان آهن، اڃان تائين جو اگهه ۲۹ .۴۷ ڊالر في بيرل رهيو آهي.

I BUILT MY SITE FOR FREE USING