سوچي ميانمار ۾ فوجي آپريشن نه روڪيو ته وڏو سانحو جنم وٺندو: گڏيل قومون

روپورت : [ويب ڊيسڪ ]   نيويارڪ: گڏيل قومن چيو آهي ته ميانمار جي حڪمران پارٽي جي سربراهه آنگ سان سوچي وٽ روهنگيا مسلمانن خلاف فوجي آپريشن روڪڻ جو آخري موقعو آهي جيڪڏهن فوجي آپريشن نه روڪيو ويو ته خوفناڪ سانحو جنم وٺندو. برطانوي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انٽونيو گوٽيرس چيو ته جيڪڏهن سوچي فوري طور تي آپريشن نه روڪيو ته خوفناڪ سانحو جنم وٺندو، سوچي اڱاري تي قوم کي خطاب ڪندي جنهن ۾ هن وٽ فوجي آپريشن روڪڻ جو اعلان ڪرڻ جو آخري موقعو آهي، جيڪڏهن سوچي صورتحال کي نه سنڀاليو ته انتهائي خوفناڪ سانحو ٿيندو ۽ بدقسمتي سان مستقبل ۾ صورتحال کي سنڀالڻ ناممڪن بڻجي ويندو. هن ميانمار تي زور ڀريو ته روهنگيا مسلمانن کي واپس اچڻ جي اجازت ڏئي.

I BUILT MY SITE FOR FREE USING