آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ فائرنگ، ۸ ڄڻا مارجي ويا

واشنگٽن: آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ۸ ڄڻا مارجي ويا آهن. آمريڪي ميڊيا مطابق اهو واقعو ٽيڪساس جي اتر واري علائقي ۾ پيش آيو جتي هڪ هٿياربند فائرنگ ڪري ۷ ڄڻن کي ماري ڇڏيو جوابي ڪارروائي ۾ هٿياربند به مارجي ويو. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهچي ويون ۽ علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. مارجي ويلن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.


I BUILT MY SITE FOR FREE USING