ميانمار حڪومت کي مسلمانن جي مدد ڪرڻ گهرجي: دلائي لاما

لداخ (ويب ڊيسڪ): ٻڌمت مذهب جي روحاني پيشوا دلائي لاما پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ميانمار حڪومت کي گهرجي ته هو مظلوم روهنگيائي مسلمانن مٿان ٿيندڙ ظلم بند ڪري ۽ سندن مدد ڪرڻ گهرجي، ڇو جو ٻڌمت کي اهائي تعليم ڏني وئي آهي. نوبل انعام يافته دلائي لاما پهريون ڀيرو روهنگيائي مسلمانن جي مسئلي تي ڳالهائيندي چيو ته ميانمار حڪومت کي مسلمانن جي مدد ڪرڻ گهرجي، سندس چوڻ هو ته جيڪي هينئر مسلمانن کي ڊيڄاري ۽ ڌمڪائي رهيا آهن، انهن کي سوچڻ گهرجي ته اگر ٻڌ هجي ها ته اهو ڇا ڪري ها، يقينن اهو به انهن لاچارن جي مدد ڪري ها، دلائي لاما موجب کيس مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم جو ڏاڍو ڏک ٿيو آهي. ياد رهي ته ميانمار جي رياست رخائن ۾ ٻڌمت فوج سان گڏ ٻڌ ڀڪشو به مسلمانن کي ايذائڻ ۾ رڌل آهن ۽ هو مسلمانن کي تڙي ڪڍڻ لاءِ سالن کان مهم هلائي رهيا آهن. گڏيل قومن جي رپورٽ موجب هن وقت تائين هڪ هزار مسلمانن کي قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته لکين هجرت ڪري 

I BUILT MY SITE FOR FREE USING