ترڪيءَ جو روس کان هٿيار خريدڻ جو تاريخي معاهدو

انقرا (ويب ڊيسڪ): دنيا جي طاقتور ملڪن مان اسلامي طاقتور ملڪ ترڪيءَ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو روس سان هٿيار خريدڻ ڪرڻ واري ڊيل ڪري ڇڏي آهي، عالمي ميڊيا موجب ترڪيءَ اهڙو معاهدو ان وقت ۾ ڪيو جڏهن سندس اختلاف اولهه جي ڪجهه ملڪن کان اڳ کان ڳنڀير صورتحال اختيار ڪري ويا آهن. ترڪي روس کان “زمين کان هوا تائين مار ڪندڙ ميزائل سسٽم” خريد ڪرڻ جو معاهدو ڪيو آهي. جڏهن ته معاهدي تحت هٿيارن جي اڌ قيمت ادا پڻ ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي اولهه جي ڪجهه ملڪن ترڪي جي ان فيصليءَ تي خدشا ظاهر ڪيا آهن، جڏهن ته ترڪي جي صدر طيب اردگان چيو ته نيٽو ۾ آمريڪا کان پوءِ سندن فوج ٻيو نمبر وڏي فوج آهي، ان لاءِ کيس مڪمل آزادي آهي ته هو پنهنجي بچاءَ لاءِ پاڻ قدم کڻي.

I BUILT MY SITE FOR FREE USING